بابا صديقيءَ جي گرينڊ افطار پارٽي جي روايت هن سال به برقرار، بالي ووڊ ستارن جي شرڪت

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) هر سال جيان هن سال به مشهور ڀارتي سياستدان بابا صديقي طرفان گرينڊ افطار پارٽي جي روايت برقرار رهي جنهن ۾ بالي ووڊ ستارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
هر سال رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ بابا صديقي طرفان بالي ووڊ اسٽارز کي افطار پارٽي جي دعوت ڏني ويندي آهي جنهن جون تصويرون ۽ وڊيوز انٽرنيٽ تي ڪيئي ڏينهن تائين وائرل ٿينديون آهن.
هن سال به آچر ڏينهن بابا صديقي طرفان مشهور شخصيتن لاءِ افطار پارٽي جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ سلمان خان، عمران هاشمي، هما قريشي، پريتي زنٽا، زرين خان، پلڪ تيواري، شلپا شيٽي، سڌانت چترويدي، منور فاروقي، گوهر خان، ڪرن سنگهه گروور ۽ ٻين فنڪارن شرڪت ڪئي.
افطار پارٽي جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن ۽ فلمي ستارن کي هڪ هنڌ ڏسي سندن مداح خوش نظر اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.