پاڪ بحريا جي جهاز 8 ايراني مهاڻن جي حياتي بچائي ورتي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا کليل سمنڊ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪندي 8 ايراني مهاڻن کي بچائي ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ بحريا جي جهاز يرموڪ کليل سمنڊ ۾ باهه جو شڪار ايراني ٻيڙي طرفان هنگامي ڪال وصول ٿيڻ تي وقت سر ريسڪيو آپريشن ڪيو ۽ ٻيڙي تي سوار 8 مهاڻن جي حياتي بچائي ورتي.
پي اين ايس يرموڪ ڪال ٻڌندي ئي انساني همدردي تحت انتهائي تيز رفتاري سان موقعي تي پهچي ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪيو ۽ سڀني مهاڻن کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪرڻ سان گڏ باهه وسائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.