سهلٽ ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا، بنگلاديش کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ 328 رنسن جي وڏي مارجن تان هارائي ڇڏيو.
511 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي بنگلاديشي ٽيم 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي، بنگلاديش جي مومن الحق 87 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
سريلنڪن بالر جو سون رجيٿا ميچ ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون.
سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 280 ۽ ٻي اننگز ۾ 418 رنسون ٺاهيون هيون. بنگلاديش پهرين اننگز ۾ 188 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي هئي.
ٻنهي اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ سريلنڪن ڪپتان ڌننجيا ڊي سلوا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
You might also like