وزيراعظم گئس اگهن ۾ واڌ تي ڪاوڙجي پيو، آڊٽ رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف گئس اگهن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آڊٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
وزيراعظم شهباز شريف توانائي وزارت کي هڪ کان ٽي مهينن ۾ ٽاسڪ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
هن هڪ مهيني ۾ گئس جي اگهن ۾ تازي واڌ جي فرانزڪ آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم گئس اگهن ۾ تازي واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اوگرا ۽ گئس ڪمپنين جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 3 مهينن ۾ گئس انفرا اسٽرڪچر، گئس چوري ۽ ناقص ڪارڪردگي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ايران – پاڪستان گئس پائپ لائن منصوبي جي مانيٽرنگ لاءِ فوري طور تي بين الوزارتي ڪميشن قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
شهباز شريف هڪ مهيني ۾ سرپلس بجلي کي کپائڻ لاءِ نوان انڊسٽريل زون تيار ڪرڻ جو پلان به گهري ورتو، هن ٻن هفتن ۾ پاور ۽ پيٽروليم ڊويزن کي گردشي قرض جو حل تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.