اپيلٽ ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ مراد سعيد کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽربيونل سينيٽ چونڊن لاءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ مراد سعيد کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو.
اپيلٽ ٽربيونل جي جج جسٽس شڪيل احمد، مراد سعيد جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ٽربيونل مراد سعيد جي اپيل منظور ڪري ورتي.
ان کانسواءِ اپيلٽ ٽربيونل پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي سينيٽ جي جنرل سيٽ تي چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.
ٽربيونل دلاور خان، روبينا خالد، فدا محمد ۽ اظهر مشواڻي جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.