ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيميئن شپ ۾ پاڪستان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل تي هڪ درجو ترقي ٿي آهي.
آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ ڀارت جو پهريون نمبر برقرار آهي، ٽيسٽ چيمپيئن شپ ٽيبل تي آسٽريليا ٻيو ۽ نيوزيلينڊ ٽيون نمبر آهي.
ويسٽ انڊيز پنجين، بنگلاديش ۽ سريلنڪا گڏيل طور ڇهين نمبر تي موجود آهن.
ياد رهي ته بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ سهلٽ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي نتيجي کانپوءِ آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل اپ ڊيٽ ڪئي آهي.
سهلٽ ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا بنگلاديش کي 328 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.
Next Post
You might also like