سنڌ هاءِ ڪورٽ: ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.
صحافي لالا شهباز پٺاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سکر، شڪارپور، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، عوام غير محفوظ بڻجي ويو آهي.
درخواست ڏيندڙ موقف اختيار ڪيو ته ڪيترائي ماڻهو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن ۽ اغوا جو سلسلو رڪجڻ بدران وڌي ويو آهي، شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل ڪچي وارن علائقن ۾ ترسيل آهن.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، پوليس وٽ پراڻا هٿيار آهن، جن سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي، تنهن ڪري پوليس ۽ فوج جو گڏيل آپريشن ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن مان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري امن امان ڪرايو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊوزيرن ۾ بدامني ۽ ڌاڙيلن خلاف فوج ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن بابت درخواست 28 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.