جيستائين اعظم خان کيڏي رهيو آهي پي سي بي سان ڪم نه ڪندس: معين خان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان چيو آهي ته جيستائين اعظم خان ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي هو پي سي بيءَ ۾ ڪنهن به عهدي تي ڪم نه ڪندو ڇو ته اهڙي طرح مفادن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي معين خان جو چوڻ هوته ڪرڪيٽر جي فارم ۽ فٽنس جي وڏي اهميت هوندي آهي، عماد وسيم ڪرڪيٽ کيڏي سگهي ٿو، پاڪستان ٽيم کي آل رائونڊر جي ضرورت به آهي، جيڪڏهن سندس فارم سٺو آهي ته کيس ضرورت کيڏائڻ گهرجي.
هن چيو ته گارنٽي وٺڻ ۽ ڏيڻ غلط ڳالهه آهي، مون کي ڄاڻ ناهي ته ڪنهن ضمانت ڏني، رانديگر جذباتي ٿي رٽائرمينٽ وٺندا آهن، جيڪڏهن ڪير پاڪستان لاءِ وڌيڪ کيڏڻ چاهي ٿو ته هو رٽائرمينٽ ڇو وٺي رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته محمد عامر رٽائرمينٽ ڇو ورتي جيڪڏهن هو کيڏڻ چاهي ٿو ته کيس رٽائرمينٽ واپس وٺڻ گهرجي.
پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني بابت سندس چوڻ هو ته شاهين آفريدي جي قيادت ۾ قومي ٽيم اڃا هڪ سيريز کيڏي آهي، ڪپتاني واپس وٺڻ مناسب ناهي، هڪ ڪپتان کي وقت ڏيڻ گهرجي.
اعظم خان جي حوالي سان معين خان چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ اعظم خان جي بيسٽ وڪيٽ ڪيپر بڻجڻ تي پيءُ طور ڏاڍو خوش آهيان پر وري به چوندس ته ڪجهه کوٽ آهي جنهن کي وڌيڪ سڌارڻو آهي، اعظم خان کي وزن گهٽائڻ بابت چوندو رهندو آهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.