آءِ پي ايل: ڪُرن ۽ ليونگسٽن جا ڌوڙيا، پنجاب جي دهلي کي شڪست

موهالي ( ويب ڊيسڪ ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) 2024ع جي ٻين ميچ ۾ پنجاب ڪنگز دهلي ڪيپٽيلز کي سخت مقابلي بعد چئن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
مالنپور جي مهاراجا يادويندر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پنجاب ڪنگز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
دهلي ڪيپٽيلز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون، شاءِ هوپ 33 ۽ اڀيشيڪ پٽيل 32 رنسن سان اڳڀرا رهيا جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 29، مچل مارش 20 رسنون ٺاهيون.
ڏيڍ سال بعد ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي ڪندڙ دهلي جي ڪپتان رشڀ پنت 18 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
پنجاب ڪنگز جي ارشديپ سنگهه ۽ هرشل پٽيل ٻه، ٻه جڏهن ته ڪاگيسو رباڊا، هرپريت برار ۽ راهول چاهڙ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
175 رنسن جو هدف پنجاب ڪنگز 20 هين اوور جي ٻئي بال تي ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، سيم ڪرن 63 ۽ ليئم ليونگسٽن 38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته پراڀ سمرن سنگهه 26 ۽ ڪپتان شيکر ڌون 22 رنسون ٺاهيون.
دهلي طرفان ڪُلديپ ياديو ۽ خليل احمد ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار بيٽنگ تي سيم ڪُرن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.