گڊو ۾ چئن ٻارن جي ماءُ کي مڙس ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ (نمائندو) گڊو ٿاڻي جي حد سيف الله محلي ۾ جوابدار آصف ميراڻي گهريلو تڪرار تان زال کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

4 ٻارن جي ماءُ 30 ورهين جي شاهده ٿڏي تي دم ڏنو، اطلاع کانپوءِ پوليس پهچي جوابدار آصف ميراڻي کي گرفتار ڪيو ۽ لاش تحويل ۾ ورتو.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.