لاهور ۾ 3 ڏينهن ۾ عورتن سان لڄالٽ ۽ تشدد جا 28 واقعا رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ٽن ڏينهن ۾ عورتن سان زيادتي ۽ تشدد جا 28 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
پوليس رڪارڊ موجب لاهور جي علائقي نواب ٽائون ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي ڪلاس فيلو زيادتي جو نشانو بڻايو، هنجروال ۾ نوڪري جو ڏٽو ڏئي عورت سان زيادتي ڪئي وئي، مناوان ۾ ڇوڪريءَ کي ورغلائي لڄالٽ ڪئي وئي.
پوليس ٻڌايو ته هربنس پورا ۾ ڏاج جي گهر پوري نه ڪرڻ تي ساهرن نُنهن تي تشدد ڪيو، سانده ۾ گهرواري تي مڙس ۽ ساهرن تشدد ڪيو، سبزه زار ۾ ننهن کي ساهرن تشدد جو نشانو بڻايو، گرين ٽائون ۾ مڙس ۽ سهري عورت جو مٿو ڪوڙي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته سڀني واقعن جا ڪيس داخل آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.