وشوا ۽ رجيٿا بنگالين جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، سهلٽ ٽيسٽ ۾ سريلنڪا جي پوزيشن مضبوط

سهلٽ ٽيسٽ:بنگلاديش خلاف ڌننجيا جي مزاحمت، سريلنڪا جي پوزيشن مضبوظ
سهلٽ ( ويب ڊيسڪ) سريلنڪا سهلٽ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي ٻي اننگز ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهي بنگلاديش تي 211 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
واضح رهي ته سريلنڪا پنهنجي پهرين انگز ۾ 280 رنسن ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي جنهن جي جواب ۾سموري بنگلاديشي ٽيم 188 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين سريلنڪا پنج وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهي بنگلاديش تي 211 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ڌننجيا ڊي سلوا 23 ۽ وشوا فرنينڊو 2 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.
سريلنڪا طرفان ديموٿ ڪرونارتني 52 ۽ اينجيلو ميٿيوز 22 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
بنگلاديش جي ناهيد رانا 2، ، تيج السلام، مهدي حسن ميراز ۽ شريف السلام هڪ، هڪ وڪيٽ پنهنجي نالي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.