وفاداري جي مثال ”ڪتن“ ۾ دنگ ڪري ڇڏيندڙ صلاحيتن جو انڪشاف

ڪتن کي انسانن جو بهترين دوست قرار ڏنو ويندو آهي جنهن جي سنگهڻ جي صلاحيت بهترين هوندي آهي، پر هاڻ سائنسدانن ڪتن جي اهڙي صلاحيت جو انڪشاف ڪيو آهي جيڪا دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي ته ڪتا مخصوص لفظن جو مطلب سمجهي سگهن ٿا.
هنگري جي Eötvös Loránd يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪتو، بال، جوتن سميت پاڻ سان جڙيل مختلف شين جا نالا ۽ لفظ سمجهي سگهي ٿو.
سائنسدان ڊگهي عرصي کان اِهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڪتن ۾ لفظن جي معنيٰ سمجهڻ جي صلاحيت آهي يا نه.
ان ڏس ۾ ماضي ۾ ٿيل تحقيق رپورٽن ۾ اشارو ملي ٿو ته ڪتا مخصوص شين سان جڙيل لفظ سمجهي ويندا آهن، پر اِها ڄاڻ نه هئي ته ڪتن جو دماغ ان حوالي سان ڪيئن ڪم ڪري ٿو.
نئين تحقيق ۾ 18 ڪتن کي سندن مالڪن سان گڏ ليبارٽري ۾ سڏايو ويو ۽ کين هدايت ڪئي وئي ته هو اهڙيون پنج شيون به پاڻ سان گڏ کنيو اچن جن بابت ڪتن کي علم هجي.
ليبارٽري ۾ مالڪن کي هدايت ڪئي وئي ته هو اِهي شيون ڪتن کي ڏيکارڻ کان اڳ انهن جو نالو کڻن ۽ پوءِ صحيح يا ڪا مختلف شئي ڏيکارين.
ان تجربي کي ڪيئي ڀيرا ورجايو ويو ۽ ان دوران ڪتن جي دماغي سرگرمين جو مشاهدو ”اي اي جي“ ٽيڪنالاجي جي ذريعي ڪيو ويو .
نتيجن مان پتو پيو ته نالو کڻڻ سان گڏ صحيح يا غلط شئي ڏيکارڻ تي ڪتن جي دماغ ۾ مختلف لهرن جي نشاندهي ٿي.
ماهرن ٻڌايو ته نتيجي مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪتن ۾ مخصوص لفظن ۽ ان جو مطلب ڄاڻڻ جي صلاحيت موجود آهي.
هنن چيو ته اسان اِهو نٿا چئون ته ڪتا انسانن جيان لفظن کي سمجهن ٿا پر اِهو اشارو ملي ٿو ته هو مخصوص لفظن کي ڪنهن حد تائين سمجهي سگهن ٿا.
سندن چوڻ هو ته ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته ڪتن جي سمجهڻ جي صلاحيت ڪيئن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.