لنڊن (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سڄي دنيا چئي رهي آهي نيوڪليئر ۽ هائڊرو انرجي محفوظ توانائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.
لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته يوم پاڪستان تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، مان برسلز ۾ جوهري توانائي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جوهري توانائي بابت اهم نڪتو اٿاريو، منهنجي موقف جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن حمايت ڪئي.
هن چيو ته اسان جوهري توانائي جي محفوظ استعمال بابت پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، سڄي دنيا چئي رهي آهي ته نيوڪليئر ۽ هائڊرو انرجي محفوظ توانائي حاصل جو ذريعو آهي، عالمي مالياتي ادارن کي جوهري توانائي جي منصوبن ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي.
دنيا چئي رهي آهي ته نيوڪليئر، هائڊرو انرجي محفوظ توانائي جو ذريعو آهن: اسحاق ڊار
You might also like