طلاقيل زال کي 26 سال ڪم ڪرائڻ جو معاوضو ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپين جي هڪ عدالت هڪ ناياب ڪيس ۾ فيصلو ٻڌايو آهي ته هڪ شخص پنهنجي زال کي 26 سال ڪم ڪرائڻ جو 95 هزار ڊالر معاوضو ادا ڪري.

1996 ۾ شادي ڪندڙ جوڙي جي 2022 ۾ طلاق ٿي وئي هئي ۽ شادي کانپوءِ عورت نوڪري ڪري رهي هئي ۽ هن پنهنجي ڌيءَ کي پاليو ۽ گهر جو خرچ به هلايو.

عورت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي دعويٰ ڪئي ته طلاق کانپوءِ هن ڏکيائين کي منهن ڏنو ڇو ته هو 26 سال رڳو پنهنجي گهر تي خرچ ڪري رهي هئي، هاڻي کيس معاوضو ڏنو وڃي.

مڙس به پنهنجي اڳوڻي زال خلاف ساڳي دعويٰ ڪئي ۽ معاوضو گهٽ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي.

ٻنهي وچ ۾ ڊگهي قانوني جدوجهد کانپوءِ عدالت حڪم ڏنو ته شخص پنهنجي زال کي معاوضو ادا ڪري ڇو ته هن پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي اها عورت بي گهر ٿي چڪي آهي ۽ ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.