اڳوڻو پي سي بي چيئرمين ۽ سيف علي خان پاڻ ۾ ڇا ٿين؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو سفارتڪار ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻو چيئرمين شهريار خان 89 ورهين جي ڄمار ۾ ڊگهي علالت کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارت جي شهر ڀوپال جي شاهي خاندان ۾ جنم وٺندڙ شهريار خان 21هين صدي جي شروعات ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ کي بحال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هو مشهور بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جو پيءُ منصور علي خان پٽودي جو سئوٽ هو.

شهريار خان 1990ع کان 1994ع تائين نئين دهلي ۽ برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

هو 2003ع کان 2006ع تائين پي سي بي جو چيئرمين به رهيو، جنهن دوران ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو. بعد ۾ 2014ع کان 2017ع تائين هن ٻيهر ان عهدي تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنا.

هن 1999ع جي ڀارت جي دوري ۽ 2003 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ دوران پاڪستاني ٽيم جي مئنيجر طور پڻ ڪم ڪيو.

شهريار خان پرڏيهي لاڳاپن ۽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجن تجربن تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.