”سڀ چوندا آهن ماءُ مون کان وڌيڪ سهڻي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پلڪ تيواري تازو هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ۽ ماءُ وچ ۾ ڀيٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهايو آهي.

هن چيو ته ماڻهو اهو چوندا آهن ته مان پنهنجي ماءُ جيتري سهڻي نه آهيان ته اهي سچ چوندا هوندا، مون کي خبر آهي پر مون کي لڳي ٿو ته منهنجي ماءُ کان وڌيڪ ڪير به خوبصورت ناهي.

سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي ماءُ جي سڀ کان وڏي مداح آهي، اڃا اداڪاري ۾ کيس رڳو 2 سال ٿيا آهن، کيس ٿورو وقت ڏنو وڃي، اداڪاري بابت هو پوءِ ڳالهائيندي.

هن چيو ته مان هميشه ماءُ وٽان سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هو هڪ محنتي عورت آهي. منهنجي ماءُ مون کي عورت بڻجڻ سيکاريو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.