عبدالرزاق کي پي سي بي ۾ اهم ذميواري ملڻ جو امڪان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق کي پاڪستان ڪرڪيٽ سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو اڳوڻي آل رائوندر سان رابطو ٿيو آهي، هن ذميواري سنڀالڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي سليڪشن ڪميٽي کي وڌيڪ اختيار ڏئي بااختيار بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتاني بابت به هاڻ سليڪشن ڪميٽي کي اختيار ڏنو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.