رضوان پاران ون ڊائون پوزيشن تي کيڏڻ کان انڪار جون خبرون، ڪرڪيٽر جو موقف به اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ون ڊائون پوزيشن تي نه کيڏڻ وارين خبرن جي تريدي ڪري ڇڏي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 18 اپريل تي کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي آخري ميچ 27 اپريل تي لاهور ۾ شيڊيول آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ سيريز جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي محمد رضوان بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته هن ڪيويز خلاف سيريز ۾ ون ڊائون پوزيشن تي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هاڻ ان ڏس ۾ محمد رضوان جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن اهڙين خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ون ڊائون پوزيشن تي کيڏڻ کان انڪار ناهي ڪيو.
وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته هو قومي ٽيم جي مفاد لاءِ هر رول ادا ڪرڻ ۽ وڪيٽ ڪيپنگ ڇڏڻ لاءِ به تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.