نوجوانن لاءِ خوشخبري، سنڌ پوليس ۾ 11 هزار کان وڌيڪ اهلڪارن جي ڀرتي جو عمل شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 11 هزار 168 پوليس اهلڪارن جي نئين ڀرتي جو عمل شروع ٿي ويو.
گريڊ 7 جي جاين لاءِ 18 کان 28 سالن تائين عمر جا مرد ۽ عورتون 23 اپريل 2024 تائين آن لائن درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا، ان حوالي سان نوٽيفڪشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي رينج لاءِ 3108 مرد، 583 عورتون، 194 اقليتي پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا پيا وڃن، حيدرآباد رينج ۾ 498 ليڊيز ۽ 166 اقليتي اهلڪارن سميت 3322 اهلڪارن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ميرپورخاص رينج ۾ 90 عورتن سميت 597 اهلڪار ڀرتي ٿيندا.
اهڙي ريت سکر رينج ۾ 96 عورتن سميت 638، لاڙڪاڻي رينج ۾ 318 عورتن سميت 2114 پوليس اهلڪارن جي ڀرتي جو حڪم ڏنو ويو آهي.
اعلان موجب آءِ بي اي سکر تحت ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار رننگ ۽ فزيڪل ٽيسٽ جي ايندڙ مرحلي ۾ شامل ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.