مسلسل ڪارڪردگي باوجود پاڪستان ٽيم ۽ پي ايس ايل ۾ سليڪٽ نه ڪيو ويو : احمد شهزاد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو ته اڍائي ورهين کان علائقائي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل تسلسل سان پرفارم ڪرڻ باوجود پاڪستان ٽيم ۽ پي ايس ايم ۾ منهنجو نالو نه آيو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احمد شهزاد چيو ته اڍائي ٽن سالن کان مسلسل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهيان، ملڪ لاءِ منهنجي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي پر قومي ٽيم ۽ پي ايس ايل ۾ منهنجو نالو ناهي آيو.
هن چيو ته محنت جاري آهي ۽ هلندڙ سيزن دوران ڪارڪردگي شاندار رهي، ڊوميسٽڪ ڪارڪردگي جي بنياد تي منهنجو نالو ڪئمپ ۾ به آيو، اميد آهي ته هڪ ڀيرو وري پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو موقعو ملندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.