علي عظمت کي خاندان ۾ راڳي طور ڇو قبول نه ڪيو ويو ؟ سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مشهور گلوڪار علي عظمت انڪشاف ڪيو ته کيس راڳي طور والدين کانسواءِ خاندان ۾ ڪنهن به قبول ناهي ڪيو.
علي عظمت ويجهڙ ۾ هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن ميوزيڪل ڪيريئر بابت سوالن جا جواب ڏنا.
پروگرام دوران راڳي انڪشاف ڪيو ته والدين کانسواءِ خاندان هڪ راڳي طور قبول نه ڪيو.
علي عظمت ٻاراڻي وهي جو قصو ٻڌائيندي چيو ته ڏاڍي چوندي هئي پڙهي لکين نٿو ته ڳائي وڄائي پئسا ڪما، جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي هڪ ڪنسرٽ ڏاڍي کي وٺي ويس ته هوءَ روئڻ لڳي مون کائنس روئڻ جو سبب پڇيو ته هن چيو ته مان ته ائين ئي بددعا ڏني هئي تون ته سچ پچ مڱڻهار بڻجي وئين.
گلوڪار وڌيڪ چيو ته خاندان جو خيال هو ته راڳي ناهي ٿيڻو، رڊيو يا ٽي وي جو مستري ٿي، جيڪڏهن نه پڙهندس ته ميڪنڪ بڻجڻو پوندو ڇو ان طريقي سان به پئسو ڪمائي سگهجي ٿو، پر انهن کي خبر ئي نه هئي ته اسان پئسي بدران شوق لاءِ ڳائيندا آهيون، ڪڏهن به پئسا نه مليا پر ڪيئي ماڻهو اسان جا پئسا کائي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.