آمريڪي ڪميشن ڀارت کي ”خاص ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪميشن ڀارت کي انساني حقن جي حوالي سان ”خاص ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ڀارت ۾ انساني حقن جي صورتحال تي آمريڪي ڪانگريس ڪميشن جي اجلاس ۾ ثابتي ڏني وئي ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ عيسائين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ اقليتن خلاف قانونن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي.
اجلاس دوران ڀارت ۾ ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي سميت ٻين سنگين ڀڃڪڙين تي به ثابتي ڏني وئي.
ٽام لينٽوس ڪميشن جي چيئرمين جيمز پيٽرڪ ميڪ گورن چيو ته انساني حقن جي پامالين جي حوالي سان مسئلن کي حل نه ڪيو ويو ته ڀارت جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو.
ڪميشن ڀارت کي هٿيارن جي وڪري جي حوالي سان انساني حقن بابت معاملن جو جائزو وٺڻ جي به سفارش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.