برطانوي بادشاهه چارلس کانپوءِ شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن ڪينسر ۾ مبتلا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي بادشاهه چارلس (ٽيون) کانپوءِ شهزادي ڪيٽ ميدلٽن به ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي.
گذريل ڪيترن ئي هفتن کان سوشل ميڊيا تي ڪيٽ ميڊلٽن جي صحت جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪيون پئي ويون.
پر پرنسز آف ويلز جمعي تي هڪ وڊيو پيغام ۾ اعلان ڪيو آهي ته کيس ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ شروعاتي علاج هلي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته جنوري ۾ لنڊن ۾ منهنجي معدي جي سرجري ٿي، جيڪا ڪامياب رهي، ان وقت ڪينسر جي سڃاڻپ نه ٿي هئي پر آپريشن کانپوءِ ٿيندڙ مختلف ٽيسٽن ۾ خبر پئي ته مان ڪينسر ۾ مبتلا آهيان.
شهزادي ڪيٽ موجب ڪينسر جي سڃاڻپ کانپوءِ منهنجي ميڊيڪل ٽيم صلاح ڏني ته مون کي ڪيميوٿراپي جو ڪورس ڪرڻ گهرجي ۽ مان هاڻ ان علاج جي شروعاتي مرحلي ۾ آهيان.
وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته ڪينسر جي خبر پوڻ تي وڏو صدمو پهتو، پهريان ٻه مهينا ڏاڍا ڏکيا گذاريا پر هاڻ مان ٺيڪ آهيان ۽ هر ڏينهن مضبوط ٿي رهي آهيان.
واضح رهي ته شهزادي ڪيٽ ميڊلٽن جي ڪينسر جي نوعيت ناهي ٻڌائي وئي.
ان کان اڳ فيبروري ۾ برطانوي بادشاهه چارلس (ٽيون) به ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جي خبر سامهون آئي هئي ۽ سندس علاج جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.