اسلام آباد ۾ پراپرٽي تي ڳرو ٽيڪس لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ پراپرٽي تي ڳرو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو سي ڊي اي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سي ڊي اي جي نوٽيفڪيشن موجب سيڪٽرز ۽ هائوسنگ سوسائٽين ۾ پلاٽن تي ساليانو ڳرو پراپرٽي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب شهزاد ٽائون، مارگلا ٽائون ۽ راول ٽائون ۾ 140 اسڪوائرز يارڊز تائين پلاٽن تي 24 هزار ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 8 ڪنال تائين فارم هائوس تي هڪ لک 80 هزار رپين جو پراپرٽي ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب 90 کان 120 ڪنال تائين فارم هائوسز تي 4 لک 42 هزار رپيا پراپرٽي ٽيڪس هوندو، بليو ايريا ۾ ڪمرشل پراپرٽيز تي گرائونڊ فلور ۾ پر اسڪوائر فوٽ 32 رپيا ٽيڪس لاڳو هوندو، جڏهن ته بيسمنٽ ۾ پر اسڪوائر فوٽ 22 رپيا، رهائشي اپارٽمينٽ پر اسڪوائر فوٽ 26 رپيا ٽيڪس لاڳو هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ اسپتالن ۾ پر اسڪوائر فوٽ 22 رپيا پراپرٽي ٽيڪس لاڳو هوندو، پيٽرول پمپس ۽ سي اين اسٽيشنز ۾ پر اسڪوائر يارڊ 180 رپيا، جڏهن ته مارڪيز ۽ ميرج هالز ۾ پر اسڪوائر فوٽ 13 رپيا پراپرٽي ٽيڪس لاڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.