ٿر سان واسطو رکندڙ فنڪار مائي ڍائي ۽ مزاحيه اداڪار قادر بخش مٺو کي سول ايوارڊ سان نوازيو ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ٿر ڄائي فنڪارا مائي ڍائي ۽ ڪاميڊين قادر بخش مٺو سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن کي سول اعزاز سان نوازيو ويو .
پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب ٿي جتي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن کي اعزاز سان نوازيو.
ادڪار عدنان صديقي ۽ قادر بخش مٺو به صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته ٿر سان واسطو رکندڙ ماءِ ڍائي کي پرائيڊ آف پرفارمنس جي ايوارڊ سان نوازيو ويو .
ٻئي پاسي پنجاب جي گورنر هائوس ۾ يومِ پاڪستان جي مناسبت تقريب، جنهن ۾ تعليم، صحت، راندين ۽ فن سميت مختلف شعبن سان سلهاڙيل شخصيتن تي تمغه امتياز سان نوازيو ويو .
پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان اداڪارا سجل علي کي تمغه امتياز سان نوازيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.