برنارڊ آرنلٽ هڪ ڏينهن ۾ 89 کرب رپيا ڪمائي دنيا جو امير ترين شخص بڻجي ويو

گذريل ڪجهه هفتن دوران برنارڊ آرنلٽ ۽ جيف بيزوز وچ ۾ دنيا جو امير ترين فرد بڻجڻ جو مقابلو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن دوران ڪيترائي ڀيرا جيف بيزوز دنيا جو امير ترين شخص بڻيو ۽ پوءِ برنارڊ آرنلٽ ان کي پوئتي ڇڏي مٿي اچي ويو.
پر هاڻ لڳي ٿو ته ايل وي ايم ايڇ ڪمپني جي مالڪ برنارڊ آرنلٽ دنيا جي امير ترين شخص جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي آهي.
ان جو سبب اهو آهي ته 22 مارچ تي سندس دولت ۾ 32.3 ارب ڊالرن (89 کرب پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جي وڏي واڌ ٿي آهي.
بلوم برگ بلين ايئر انڊيڪس موجب برنارڊ آرنلٽ جي دولت ۾ هڪ ڏينهن ۾ 89 کرب رپين کان وڌيڪ واڌ ٿي ۽ هاڻ هو 230 ارب ڊالرن سان دنيا جو امير ترين شخص آهي.
ان کان اڳ 21 مارچ تي ايمازون جي باني جيف بيزوز اهو اعزاز حاصل ڪيو هو پر هاڻ هو 202 ارب ڊالرن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي.
دنيا جي امير ترين شخصيتن جي فهرست ۾ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ ٽئين، ميٽا جو چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ چوٿين ۽ مائڪرو سافٽ جو شريڪ باني بل گيٽس پنجين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.