پي سي بي چيئرمين بورڊ جي وسلين ۾ واڌ جو پلان طلب ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي بورڊ وسيلن ۾ واڌ جو پلان طلب ڪري ورتو.
لاهور ۾ ڊائريڪٽرز سان ٿيل اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي سمورن ڊائريڪٽرن پنهنجي شعبي جي ڪارڪردگيءَ ۽ لاڳاپيل معاملن بابت بريفنگ ڏني، جڏهن ته ڊائريڪٽر ايڇ آر طرفان پي سي بي اسٽرڪچر ۽ ملازمن بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي.
اجلاس دوران محسن نقوي سمورن شعبن جي اهميت ۽ فائدي تي زور ڏنو ۽ بورڊ جي وسيلن ۾ واڌ جو پلان طلب ڪري ورتو.
پي سي بي چيئرمين چيو ته پي سي بي جو ريونيو جنريشن جو عمل جوڳو پلان تيار ڪيو وڃي، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي کي بهتر بڻائڻو آهي ته جيئن رانديگرن کي وڌيڪ سهولتون ملي سگهن.
هن چيو ته ڪرڪيٽ کي هٿ وٺائڻ لاءِ هر سطح تي گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏني ويندي ۽ پي سي بي کي ليڊنگ ادارو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا
محسن نقوي ڊائريڪٽرز مارڪيٽنگ، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ڪمرشل کي رونيو جنريشن جو پلان مرتب ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو جڏهن ته اجلاس ۾ پي ايس ايل کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ ۽ عورت ڪرڪيٽرن لاءِ پي ايس ايل شروع ڪرڻ جي تجويزون به پيش ڪيون ويون.
پي سي بي چيئرمين بورڊ جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.