سنڌ ۽ وفاق ۾ ٽئڪس اوڳاڙي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۽ وفاقي حڪومتن جي وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ سميت ٻين ادارن وچ ۾ انگن اکرن جي ڏي وٺ ڪرڻ کي مضبوط ڪرڻ  تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ڪالهه جمع ڏينهن وزيراعلي هائوس ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهم منصوبن تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ادارن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڳالهائيندي چيو ته  نگران   سنڌ حڪومت کي منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو پاڪستان ريلوي کي قرض ذريعي ڏيڻ جي جيڪا منظوري ڏني هئي اها سنڌ جي چونڊيل ڪابينا جي منظوري سان مشروط هوندي. ۽ جر جي پاڻي ريگيوليٽري فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي  ۽ آبپاشي کاتو انٽيگريٽيڊ واٽر ريسورس مئنيجمينٽ لاءِ نئين پاڻي واري قانون تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري. هن وڌيڪ چيو ته جر جي پاڻي جي ريگيوليٽري فريم ورڪ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي . مراد علي شاهه چيو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو ته 1875 ميگاواٽ جا ٽوٽل 26 ونڊ منصوبا ۽ 1150 ميگاواٽ جي 19 سولر منصوبن لاءِ ٽينڊر جي انتظار ۾ آهن. ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني ته ايل او آءِ هولڊرن جي وچ ۾ ٽينڊرنگ جو پهريون دور پرائيويٽ پاور اينڊ انفراسٽرڪچر بورڊ (PPIB) بدران صوبائي توانائي کاتي کان ڪرايو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ لاءِ 300 ميگاواٽ بجلي جي خريداريءَ لاءِ ونڊ ايل او آءِ هولڊرن تي ٻولي لڳائڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان اتفاق ڪيو ويو آهي. توانائي واري وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ته پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي سنڌ حڪومت (سيد مراد علي شاهه) اڳواٽ ئي اتفاق ڪيو هو ته ٿر ريل ڪنيڪٽيويٽي پروجيڪٽ جي لاءِ فنڊنگ برابري جي ذريعي ڪئي وڃي.. توانائي کاتو ۽ پاڪستان ريلوي جي وچ ۾ 31 جنوري 2024 تي منصوبي جي لاڳت جو 50 سيڪڙو فنانسنگ لاءِ فنانس فيلٽي ايگريمينٽ (FFA) تي عمل ڪيو ويو. وڏي وزير توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو معاهدي جي تصديق لاءِ تجويز پيش ڪري وڏي وزير چيو ته صوبائي ۽ وفاقي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ انٽيگريشن سڀ کان اهم آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ڊيٽا شيئرنگ ۽ ڪليڪشن سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي. آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو وڏي وزير کي ٻڌايو ته نگران سنڌ حڪومت 20 فيبروري 2024ع تي آبياڻي جي نظرثاني ٿيل اگهن جي منظوري ڏني آهي. مراد علي شاهه، آبپاشي واري وزير کي نئين پاڻي واري قانون لاءِ صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نگران ڪابينا پهرين ڊسمبر 2023 تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي تجويز جي منظوري ڏني هئي. هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو ان مقصد لاءِ پروپوزل فائل ڪري ته جيئن منصوبا شروع ڪري سگهجن. مراد علي شاهه چيو ته ٽيڪنالاجي جي مدد سان فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو هارين ۽ مضبوط معيشت لاءِ ريسرچ سينٽرن سميت پنهنجي مختلف ونگز کي مضبوط ڪري. آبپاشي واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته بيگاري سنڌ فيڊر ڪينال جي ڪمانڊ هيٺ 60 واهن جي صفائي جو ڪم 20 ڊسمبر تي شروع ڪيو ويو ۽ 15 جون 2024ع تي مڪمل ڪيو ويندو. پنياري ۽ ڪلري بيگاري فيڊر ڪمانڊ تحت 76 چينلن جي صفائي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي ۽ 4 اپريل 2024 تي مڪمل ڪيو ويندو. اهڙي ريت گهوٽڪي فيڊر ڪينال، نارا ڪينال، ڦليلي ڪينال ۽ اڪرم واهه جي ڪمانڊ ايريا ۾ 132 واهن جي صفائي جو ڪم 28 ڊسمبر 2023ع تي شروع ٿيو ۽ 15 اپريل 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. روهڙي ڪينال، خيرپور ايسٽ ۽ خيرپور ويسٽ ڪينال جي ڪمانڊ هيٺ 58 واهن جي صفائي جو ڪم 9 جنوري 2024ع تي شروع ٿيو ۽ 30 جنوري 2024ع تي مڪمل ڪيو ويندو. رائس ڪينال، دادو ڪينال ۽ نارٿ ويسٽرن ڪينال جي ڪمانڊ ايريا ۾ 175 چينلن جي صفائي جو ڪم 20 ڊسمبر 2023 تي شروع ٿيو ۽ 30 اپريل 2024 تي مڪمل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.