آمريڪي ڪرڪيٽ بورڊ افغانستان سان واسطو رکندڙ پنهنجي سي ايِ او کي برطرف ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڪرڪيٽ بورڊ افغانستان سان واسطو رکندڙ پنهنجي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر ( سي ايِ او ) ڊاڪٽر نور محمد کي فوري طور برطرف ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملڪ ۾ راند جي بهتر مفاد لاءِ ڊاڪٽر نور احمد جو معاهدو ختم ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين وينو پيسيڪي چيو ته هي فيصلو گهڻي غور ويچار کانپوءِ ڪيو ويو آهي ۽ اداري جي بهترين مفاد ۾ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ تنظيم ۽ ڪرڪيٽ جي مسلسل بهتري لاءِ تبديلين ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
واضح رهي ته ڊاڪٽر نور محمد مراد ان کان اڳ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جو به سي اي او رهي چڪو آهي، کيس گذريل سال جولاءِ ۾ آمريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جو سي اي او چونڊيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.