الخدمت فائونڊيشن پاران پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي سيمينار

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان پاڻي جي عالمي جي مناسبت سان واٽر فار پيس جي عنوان سان سڄي ملڪ ۾ سيمينار، ڪانفرنسز ۽ آگاهي واڪس ڪيون.

ان حوالي سان الخدمت فائونڊيشن جي انتظام هيٺ لاهور چيمبر آف ڪامرس ۾ آگاهي سيمانر ڪرايو ويو جنهن ۾ الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر سيد احسان الله وقاص، سينٽرل پنجاب جي صدر اڪرام الحق سبحاني، لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ڪاشف انور، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر محمد اسد منظور بٽ، پروگريسو گروپ جي صدر خالد عثمان، ايگزيڪيوٽو ميمبر محمد اعجاز تنوير، ڊائريڪٽر جنرل زراعت پنجاب ملڪ محمد اڪرم ، ميمبر واٽر اينڊ پلاننگ بورڊ ڊاڪٽر محمد ابڙو ۽ پاڻي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن سميت مختلف شعبن جي عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي.

سيد احسان الله وقاص خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پاڻي جي اهميت ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ آهي. الخدمت فائونڊيشن پاڻي جي کوٽ، گدلي پاڻي ۽ نقصانن بابت ملڪ ۾ آگاهي پکيڙڻ لاءِ ڪم رهي آهي.

هن وقت سڄي ملڪ ۾ 233 واٽر فلٽريشن پلانٽ، 2776 کوهه، 13995 هينڊ پمپ، 2326 سبمرسيبل پمپ ۽ واٽر ٽينڪ، 427 سولر سبمرسيبل پمپ جي پراجيڪٽ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

ان کانسواءِ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي آبي بحران کان بچڻ لاءِ واٽر اسٽوريج کي وڌائڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.