برازيل جو اڳوڻو فٽبالر اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ گرفتار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) برازيل جي اڳوڻي فٽبالر روبن هو کي اجتمائي ڏاڍائي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، برازيل جي اڳوڻو فٽبالر روبن هو کي اجتماعي زيادتي ڪيس ۾ سانتومين سندس رهائش تان گرفتار ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته برازيل ۽ اٽالين ڪلب اي سي ميلان جي نمائندگي ڪندڙ روبن هو تي 2013ع ۾ ميلان جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ لبناني عورت سان اجتماعي زيادتي جو الزام هو، جنهن تي کيس ٻه ورهيه اڳ 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
اٽلي جي حڪومت روبن هو جي حوالگي ۾ ناڪامي کانپوءِ کيس برازيل ۾ ئي سزا پوري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
پر هاڻ برازيل جي عدالت فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو آهي ته روبن هو گهر ۾ نظربند رهڻ بدران جيل جي سلاخن پٺيان سزا ڪاٽيندو جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي روبن هو جو موقف آهي ته عورت سان سڀ ڪجهه گڏيل رضامندي تحت ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.