روس ۽ چين سلامتي ڪائونسل ۾ حماس جي مذمت تي ٻڌل آمريڪي قرارداد ويٽو ڪري ڇڏي

روس ۽ چين گڏيل قومن جي سلاميتي ڪائونسل جي ولاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي مذمت واري مطالبي تي ٻڌل آمريڪي قرار داد ويٽو ڪري ڇڏي.
غزا جنگ بندي بابت گڏيل قوڪن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگبندي ۽ قيدين جي ڏي وٺ بابت آمريڪي ٺهراءُ تي ووٽنگ لاءِ اجلاس ٿيو.
آمريڪي نمائندي ٺهراءُ پيش ڪندي ست آڪٽوبر تي حماس حملن جي مذمت جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته روس ۽ چين آمريڪي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو.
سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 11 ميمبرن حمايت جڏهن ته روس، چين ۽ الجزائر مخالفت ڪئي.
روسي نمائندي اسرائيل جي حامي آمريڪي ٺهراءَ کي منافقت ۽ ڊرامو قرار ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا قرارداد ذريعي حماس کي جنگ جو ذميوار قرار ڏيندي رفع تي اسرائيلي چڙهائي لاءِ رستو صاف ڪرڻ چاهي ٿو.
هن چيو ته آمريڪي ٺهراءُ جو اصل مقصد اسرائيل کي سزا کان بچائڻ لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي.
روس ۽ چين جي ويٽو ڪرڻ تي آمريڪي نمائندي چيو ته روس قرارداد جي خلاف وڃي اسان کي ناڪام بڻائڻ جي حرڪت ڪئي.
ياد رهي ته ست آڪٽوبر 2023 کان اسرائيل طرفان غزا تي حملا جاري آهن، ۽ هاڻ اسرائيل ۽ غزا کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فلسطينين کي نشانو بڻائڻ لڳو آهي.
هنيئر تائين اسرائيلي حملن ۾ ٽيهه هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته پندرهن لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.