پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ فيز ٽو کي تيز ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ وفد سان گڏ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران سي پيڪ فيز ٽو کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ۽ پنج نين اقتصادي راهدارين تي هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو .
ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي اڳيئن مرحلي ۾ وڃڻ جو خواهشمند آهي ۽ سي پيڪ تحت قدمن ۽ رٿائن جي وقت سر نفاذ ۽ تعمير کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت اڻٿڪ محنت ڪندي.
چيني سفير وفاصي وزير کي چوٿون ڀيرو رٿابندي جو قلمدان ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اوهان سموري دنيا ۾ مسٽر سي پيڪ جي نالي سان ڄاتا وڃو ٿا ، اوهان جي سربراهي ۾ وڌيڪ سکڻ جو موقعو ملندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.