ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا اروَشي روٽيلا سياسي ميدان ۾ قدم رکڻ لاءِ مداحن کان راءِ طلب ڪري ورتي آهي.
هڪ انٽرويو دوران ادڪارا کان سياست ۾ ڀيرو وٺڻ بابت سوال ڪيو جنهن جي جواب هن انڪشاف ڪيو ته سياست ۾ وڃڻ لاءِ کيس هڪ ٽڪيٽ پهريائين ملي چڪي آهي.
اورشي روٽيلا ٻڌايو ته کيس هاڻي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو سياست ۾ حصو وٺڻو آهي يا نه.
ان موقعي تي اداڪارا مداحن کان به مدد گهري ورتي ۽ چيو ته هو پنهنجي راءِ ڏين ته اداڪارا کي سياست ۾ قدم رکڻ گهرجي يا نه .
سوشل ميڊيا تي اورشي روٽيلا جي انٽرويو تي واهپيدار مختلف انداز ۾ دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.
You might also like