ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو .
ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن انٽربئنڪ ۾ ڊالر 26 پئسا جڏهن ته هفتي دوران 64 پئسا سستو ٿيو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 278 رپيا 14 پئسا رهيو.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 280 رپيا 86 پئسا برقرار آهي.
You might also like