”هلو ته ڳوٺ عيد ڪريون“: عيد تي ڪيتريون موڪلون ملنديون؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ۾ هن سال عيد جون موڪلون ڊگهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

اڳڪٿين موجب عيد 10 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته حتمي اعلان چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ڪندي.

جيڪڏهن عيد 10 اپريل تي ٿي ته عيد جون موڪلون اڱاري کان شروع ٿينديون، ان صورت ۾ اڱاري کان جمعي تائين 4 موڪلون ڏنيون وڃن ته ڇنڇر آچر جي موڪل ملائي ڪل 6 موڪلون ٿي وينديون.

جن کي موڪلون ڪرڻ سان مسئلو نه هوندو، اهي عيد کان هڪ ڏينهن سومر تي به موڪل ڪري سگهندا.

اهڙي ريت سڄو هفتو عيد جون موڪلون ملهائي سگهندا.

پنهنجي ڳوٺن کان پري عيد ڪندڙن کي هن ڀيري عيد تي ڳوٺ جو چڪر هڻڻ جو ڀرپور موقعو ملي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.