سرمد کوسٽ صدارتي ايوارڊ واري فهرست مان نالو هٽائڻ تي سوال اُٿاري ڇڏيو

پاڪستان جي مشهور فلم ڊائريڪٽر ۽ اداڪار سرمد کوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس نالو صدارتي ايوارڊ ( ستاره امتياز ) جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي .
هن سال سرمد سلطان کوسٽ سميت اٽڪل 50 ڄڻن کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر تقريب کان هڪ ڏينهن اڳ سرمد کوسٽ انسٽاگرام اسٽوري تي ستاره امتياز جي نالن جي فهرست شيئر ڪندي انڪشاف ڪيو ته سندس نالو فهرست مان ڪڍيو ويو آهي.
اداڪار پنهنجي اسٽروي ۾ لکيو ته سندس نالو صدارتي ايوارڊز جي 14 آگسٽ 2023ع واري فهرست مان غم آهي، جن ماڻهن مون کي گذريل سال مبارڪون ڏنيون اِهي پنهنجون مبارڪون واپس وٺن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هي فهرست مون ته نه ٺاهي هئي جيستائين مون کي ياد آهي ته حتمي فهرست 14 آگسٽ تي جاري ڪئي وئي هئي، اِها فهرست تيستائين حتمي هوندي آهي جيستائين ڪو شخص اعلانيل ايوارڊ وٺڻ کان انڪار نٿو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.