پوڻا 2 ارب رپين جي سوها مڇي جو شڪار، نسل ختم ٿيڻ جو خطرو

ڪراچي (م ڊ) ڊبليو ڊبليو ايف موجب سوها مڇي جي وڏي پئماني تي شڪار سبب ان جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جهنگلي حيات متعلق عالمي اداري ورلڊ وائلڊ لائف فنڊ جي ٽيڪنيڪي صلاحڪار موجب پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه وقت ۾ قيمتي ۽ ناياب سوها مڇي جو وڏي انگ ۾ شڪار ڪيو ويو، ڊبليو ڊبليو ايف جو چوڻ آهي ته اڄ تائين ايتري انگ ۾ سوها مڇي جو شڪار ناهي ٿي سگهيو، ماهيگير 8 مارچ کان هن وقت تائين سوها مڇي جي شڪار مان  ڏيڍ کان پوڻا 2 ارب رپيا ڪمائي چڪا آهن، سوهان مڇي جو تمام گهڻو شڪار ڪيٽي بندر جي ويجهو ڪيو ويو ۽ هن وقت 15 ٻيڙين اربين رپين جي سوها مڇي جو شڪار ڪيو آهي، معظم خان ٻڌايو ته مارچ ۽ اپيل ۾ سوها مڇي انڊا ڏيڻ لاءِ جمع ٿيندي آهي ۽ نسل جي واڌ ويجهه لاءِ جمع ٿيندڙ مڇي جو شڪار ڪرڻ سان ان جو نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.