ڀارت بيٽريون ٺاهڻ لاءِ سمنڊ جو تهه کوٽڻ لڳو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت سامونڊي کاڻن ۾ موجود قدرتي معدنيات حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ روس کي پوئتي ڇڏڻ جي ويجهو آهي.
ڀارت طرفان عالمي سيبڊ اٿارٽي کي درخواست ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سامونڊي تهن ۾ موجود کاڻ مان قدرتي معدنيات ڪڍڻ لاءِ لائسنس طلب ڪيو ويو آهي.
گڏيل قومن جي ماتحت اٿارٽي هنيئر تائين 31 لائسنس جاري ڪري چڪي آهي، جنهن مان هن وقت 30 فعال آهن، واضح رهي ته سامونڊي معدنيات ڪڍڻ جي ڊوڙ ۾ ڀارت ئي نه پر روس ۽ چين به شامل آهن.
پر جيڪڏهن ڀارت کي درخواست تي لائسنس ملي ويو ته ڀارت روس کان اڳتي نڪري ويندو، جڏهن ته چين کان رڳو هڪ لائسنس يعني هڪ وک پوئتي هوندو.
هندي سمنڊ ۾ قدرتي معدنيات جا ڪيئي ذخيرا آهن جيڪي سولر ۽ ونڊ پاور، بجلي تي هلندڙ گاڏين ۽ بيٽرين جي صنعت ۾ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.