چئن ڄڻن کي قتل ڪندڙ شخص کي چار ڀيرا موت جي سزا جو حڪم

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي مقامي عدالت چئن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار کي 4 ڀيرا موت ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت هڪ سال کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد ٻن عورتن سميت 6 ڄڻن کي آجو ڪري ڇڏيو.
موت جي سزا ماڻيندڙ جوابدار تي چئن ڄڻن نويد، جميل، جاويد ۽ عبدالرشيد کي قتل ڪرڻ جو الزام هو، سندس خلاف 24 جنوري 2023 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.