اليڪشن ڪميشن مودي سرڪار کي ترقي جو راڳ الاپڻ کان روڪي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اليڪشن ڪميشن مودي سرڪار کي ترقي جو راڳ الاپڻ ۽ وڏين دعوائن کان روڪي ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي خاص هدايتون جاري ڪري عملدرآمد رپورٽ به طلب ڪئي وئي آهي.
اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سسٽم جي ڏکيائين سبب ان هدايت تي مرحلي وار عمل ڪري سگهجي ٿو.
ڪميشن خاص حڪم نامي تحت حڪومت کي چيو آهي ته واٽس ايپ ميسيجنگ ۽ فيس بُڪ پوسٽس ذريعي ملڪ جي غير معمولي ترقي ۽ خوشحالي جون دعوائون نه ڪيون وڃن.
واضح رهي ته سياسي جماعتن کانسواءِ ڪيترين ئي تنظيمن اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري مودي سرڪار طرفان ترقي ۽ خوشحالي جي بي بنياد دعوائن جي شڪايت ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.