فيفا ورلڊ ڪپ ڪوائيفارز رائونڊ ٽو ۾ اردن پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز رائونڊ ٽو ۾ اردن پاڪستان کي ٻڙي جي مقابلي ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد جي جناح اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ ميچ جي شروعات زبردست هئي ۽ ميچ جي ٻئي منٽ ۾ اردن جي موسيٰ التماري پنهنجي ٽيم کي سرسي ڏياري ڇڏي.
ميچ جي نائين منٽ ۾ پاڪستاني ڊفينڊر جي فائول تي اردن جي پنالٽي ڪِڪ ملي جنهن تي علي الوان اردن جي سرسي 0-2 ڪري ڇڏي.
ٻئي هاف ۾ پاڪستاني ٽيم جو ڊيفنس بهتر رهيو ۽ اسٽرائيڪرز به گول برابر ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا پر ڪاميابي نه ملي.
ميچ جي 86 هين منٽ ۾ اردن جي موسيٰ التماري کي هڪ ٻيو موقعو مليو هن پنهنجو ٻيو ۽ ٽيم جو ٽيون گول اسڪور ڪيو.
ياد رهي ته ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز رائونڊ ٽو ۾ پاڪستان کي سعودي عرب، تاجڪستان ۽ اردن هٿان شڪست ملي چڪي آهي، پاڪستان ٽيم اردن خالف اَوي ميچ 26 هين مارچ تي کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.