ڏند جو سُور منٽن ۾ ختم ڪرڻ جو جادوئي نُسخو

ڏند جو سور ڪيترو شديد هوندو آهي، ان جو اندازو لڳ ڀڳ هر شخص کي هوندو، غير متوازن غذائن جي استعمال سبب ڏند ڪمزور ٿي ويندا آهن ۽ ڪا ٿڌي يا گرم شئي کائڻ سان ڏندن ۾ سور محسوس ٿيندو آهي.
ڏند ۾ سور سبب انسان سخت بيچيني جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ اهو کائڻ پيئڻ کان به قاصر ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن وقت تي علاج نه ڪيو وڃي ته اهو سور شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.
نجي ٽي وي چئنل جي رمضان ٽرانسميشن ۾ طب نبوي صه جي اسڪالر آغا عباس ٻڌايو ته لونگ ۾ ڏندن جي سور جو قدرتي علاج موجود آهي.
هن ٻڌايو ته لونگ جا 5 داڻا پيسي ان ۾ ليمي جا ڪجهه ڦڙا ملايو ۽ اهو ڏندن کي لڳائڻ سان 15 منٽن اندر سور جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته لوڻ جي پاڻي سان غرارا ڪري به ڏندن جي سور مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته لوڻ ۾ انفيڪشن کي ختم ڪندڙ خاصيتون هونديون آهن، جڏهن ته لوڻ جي پاڻي سان غرارا ڪرڻ سان ڏندن ۾ رهجي ويل غذا جا غذا به نڪري ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.