پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار ڪير؟ بحث ڇڙي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو سڀ کان وڏو عالمي واپاري ڀائيوار ڪير آهي؟ اهو بحث سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي آمريڪي عهديدار ڊونلڊ لو طرفان ڪانگريشنل هيئرنگ ۾ آمريڪا کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر چوڻ کانپوءِ سامهون آيو.
هڪ واهپيدار طرفان ڊونلڊ لو جو ڄاڻايل بيان ايڪس تي شيئر ڪرڻ تي پاڪستان ۾ موجود يورپي عهديدارن به ان تي پنهنجو ردعمل ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ موجود هڪ اطالوي سفارتڪار جي ان حوالي سان وضاحت کي ري پوسٽ ڪندي پاڪستان ۾ يورپين يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا چيو ته مجموعي واپار جي 31 سيڪڙو حصي سان يورپين يورپين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، جڏهن ته 18 سيڪڙو آمريڪا ۽ 8 سيڪڙو واپار چين سان ٿيندو آهي.
ان حوالي سان ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا پنهنجو پيغام لکندي واهپيدار کي ٽيگ ڪيو ۽ لکيو ته درست، پاڪستان جون 31 سيڪڙو برآمدون يورپي يونين کي وينديون آهن، جنهن سان يورپي يونين پاڪستان جي پهرين برآمدي منزل بڻجي ٿي، جڏهن ته 18 سيڪڙو آمريڪا ۽ 8 سيڪڙو چين کي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.