”هڪ طرفي محبت تي يقين ناهي: محبت کوڙ ڀيرا ٿي سگهي ٿي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل سنيتا مارشل چيو آهي ته مان هڪ طرفي محبت تي يقين نٿي رکان ۽ اهو سمجهان ٿي ته انسان کي هڪ طرفي محبت نه ٿيڻ گهرجي پر اسان جي معاشري ۾ هر ٻيو نوجوان اهڙي محبت ۾ ڦاٿل آهي، کين گهرجي ته جلد ان مان جان ڇڏائين.

محبت جي موضوع تي ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۾ لازمي ناهي ته محبت هڪ ڀيرو ئي ٿئي، انسان کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا به محبت ٿي سگهي ٿي.

خيال رهي ته سنيتا محبت جي شادي ڪئي هئي ۽ هو چوي ٿي ته شادي کانپوءِ سندس محبت اڃا وڌيڪ ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.