ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 150 روهنگيا پناهگير ٻڏي ويا

جڪارتا: (ويب ڊيسڪ) 150 کان وڌيڪ روهنگيا مسلمان پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي انڊونيشيا جي اولهه سامونڊي ڪناري تي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب روهنگيا مسلمانن سان ڀريل ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ ٻڏي وئي. روهنگيا مسلمانن جي بچاءَ لاءِ مقامي مهاڻا سڀ کان پهريان پهتا، پر هو رڳو 4 عورتن ۽ 2 مردن کي بچائي سگهيا.

ڪوسٽ گارڊ اهلڪار به پهتا تيستائين دير ٿي چڪي هئي.

قطر جي خابرو اداري الجزيره سان ڳالهائيندي گڏيل قومن جي اداري جي ترجمان چيو ته جهاز ۾ 150 ماڻهو سوار هئا، جن مان گهڻا ٻڏي ويا، جن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي.

فوتگين جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 50 ٿي سگهي ٿو.

ٻيڙي ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به سوار هئا، خراب موسم سبب ڳولا جو ڪم به روڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.