روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني به ڊيپ فيڪ وڊيوز جي وڪڙ ۾ اچي وئي، هن جرئتمنداڻو قدم کڻندي جوابدارن خلاف گهيرو تنگ ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جاچ اهلڪارن دعويٰ ڪئي ته ٻن ڄڻن اٽلي جي وزيراعظم جو چهرو ڪنهن ٻئي جي جسم تي لڳائي سندس فحش وڊيوز ٺاهيون ۽ اهي انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيون.
اٽلي جي وزيراعظم 47 ورهين جي جارجيا ميلوني جرئتمنداڻو قدم کڻندي ان ڪيس کي اڳتي وٺي وڃي رهي آهي ۽ هوءَ 2 جولاءِ تي عدالت ۾ جوابدارن خلاف شاهدي ڏيندي.
رپورٽن موجب ان معاملي ۾ 40 ورهين جي شخص ۽ ان جي 73 ورهين جي پيءَ کي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.
ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ۾ چيو ويو آهي ته انهن وڊيوز کي آمريڪا ۾ هڪ فحش ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيو ويو هو، جن کي لکين ماڻهن ڏٺو.
پوليس ذريعن موجب اهي ڊيپ فيڪ وڊيوز 2022 جون آهن، مطلب تڏهن جارجيا ميلوني وزيراعظم نه هئي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اٽلي جي وزيراعظم طرفان هڪ لک يورو ڏنڊ گهريو ويو آهي ۽ ان حوالي سان هوءَ ٻه جولاءِ تي عدالت ۾ پيش ٿي شاهدي به ڏيندي.
اطالوي وزيراعظم جي قانوني ٽيم موجب هوءَ ڏنڊ جي سموري رقم مردن جي تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتن جي مدد لاءِ عطيو ڪندي.
You might also like