پاڪ بحريا، پي ايم ايس اي ۽ ڪسٽمز جي ڪارروائي، ڪروڙين رپيا ماليت جو شراب ضبط

ڪراچي (پ ر) پاڪ بحريا، پاڪتسان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ پاڪستان ڪسٽمز انٽيليجنس اتر عربي سمنڊ ۾ جوائنٽ ميري ٽائم انفارميشن اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي سهڪار سان ڳجهي اطلاع تي گڏيل آپريشن ڪيو، جنهن ۾ شراب جون 4000 کان وڌيڪ بوتلون برآمد ڪيون ويون.
ضبط ٿيل شراب جي ماليت تقريبن 146 ملين رپيا آهي، جڏهن ته ضبط ٿيل شين کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پاڪستان ڪسٽمز حوالي ڪيو ويو.
پاڪستان نيوي موجب موجوده سيڪيورٽي صورتحال کي ڏسندي جتي جتي ڏوهاري پنهنجي ناپاڪ عزمن سبب پاڪستان کي بدنام ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پاڪ بحريا، پي ايم ايس اي ۽ پاڪستان ڪسٽمز جو ڪامياب گڏيل آپريشن ان عزم جو اظهار آهي ته ملڪي بحري ۽ زميني سرحدن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جي فوج هر وقت تيار آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ بحريا ۽ پي ايم ايس اي سمنڊ ۾ قانوني ضابطا قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون ۽ فرض نڀائينديون رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.