ليجنڊ ڪرڪيٽر هڪ ڀيرو وري پنهنجي ملڪ طرفان کيڏڻ لاءِ تيار!

ايجبسٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي، يوراج سنگهه، ڪرس گيل ۽ ڪيون پيٽرسن جهڙا نامور ڪرڪيٽر هڪ ڀيرو وري پنهنجي ٽيمن جي نمائندگي ڪندي نظر ايندا.
چار جولاءِ کان برطانيا جي شهر ايجبسٽن ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جو پهريون مقابلو انگلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون.
ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو يعني پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڇهه جولاءِ تي شيڊيول آهي، ان ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا اڳوڻا ڪرڪيٽر ايڪشن ۾ نظر ايندا.
ايونٽ جا سيمي فائنلز 12 جولاءِ جڏهن فائنل 13 جولاءِ تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو .
واضح رهي ته گذريل سال قطر ۾ کيڏيل ليجنڊز ليگ جي فائنل ۾ شاهد آفريديءَ جي ايشيا اليون ورلڊ جائنٽس کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.